پاڪستانسنڌ

ڄام اويس سوڌو ٽن جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار ايم پي اي ڄام اويس سوڌو ٽن جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آھي، ملير جي عدالت جوابدارن کي 16 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي. پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ تي ڪالهه ايم پي اي ڄام اويس ۽ سندس گارڊن کي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جوابدارن ۾ گارڊ امير علي ۽ حيدر علي به شامل آھن، عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي، جڏهن ته اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي، جوابدارن جي پيشي جي موقعي تي وڪيل برادري طرفان نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جي موبائيل فون جو ڊيٽا رڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ گاڏي جو رڪارڊ ايڪسائيز وٽان نه مليو آهي، ڪسٽم عملدارن کان گاڏي جو تفصيل وٺي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button