عالمي

سعودي عرب مختلف شعبن جي ماهرن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض: سعودي عرب شاندار صلاحيتن ۽ مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ پرڏيهين کي سعودي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان شاهي فرمان جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب شاندار صلاحيتن ۽ ناياب شعبن سان سلهاڙيل پرڏيهين کي سعودي شهريت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. شاهي فرمان موجب شريعت، طب ۽ سائنس ۾ سٺي ڪارڪردگي وارا پرڏيهي ماڻهو سعودي شهريت جي اهل هوندا. ان کانسواءِ ثقافت، راندين ۽ ٽيڪنالاجي ۾ به سُٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پرڏيهين کي سعودي شهريت جي لاءِ اهل قرار ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button