پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو قتل وقت ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس جي موجودگي جا ثبوت هٿ

ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ٽيم شروعاتي شاهديون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جي قتل وقت ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس جي ڄام هائوس ۾ موجودگي جا ثبوت مليا آهن. ذريعن موجب پوليس ڊجيٽل رڪارڊ کي ڪيس جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ شاهدن جا بيان به ورتا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄام ڪريم جي سيڪريٽري نياز سالار پاران ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو کي ڪيل فون ڪال جو رڪارڊ پڻ ملي ويو آهي، ذريعن موجب ناظم جوکيو پنهنجي ڀاءُ افضل سان گڏ 12 وڳي ڄام هائوس پهتو، جتي ڄام ڪريم کيس چماٽون هنيون ۽ هٿياربندن معمولي تشدد ڪيو، مبينه طور تي ڄام ڪريم چيو ته ناظم جوکيو کي قيد ڪيو وڃي، صبح جو فيصلو ڪيو ويندو. جنهن بعد رات 3 وڳي ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل کي گهر روانو ڪيو ويو. افضل جي وڃڻ بعد ڄام ڪريم مبينا طور سمهي پيو، رات اٽڪل 3 وڳي ڌاري ڄام اويس اٿيو ته کيس ناظم جي قيد هجڻ جي خبر پئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄام اويس جي اٿڻ کانپوءِ ناظم جوکيو کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوسٽ مارٽم ۾ ناظم جوکيو جي قتل جو وقت به صبح جو ساڍي 5 وڳي ٻڌايو ويو آهي، تشدد ۾ ڄام اويس پاڻ ملوث هو يا سندس چوڻ تي تشدد ڪيو ويو، ان حوالي سان جاچ جاري آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جا بيان ورتا ويا آهن. ياد رهي ته مقتول جي ڀاءُ الزام هنيو هو ته ناظم جوکيو کي پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي مهمانن جي زيادتي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد قتل ڪيو ويو، ناظم جو لاش ڪراچي جي علائقي ملير ميمڻ ڳوٺ وٽان مليو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button