پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي ڪابه فوتگي نه ٿي، 125 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ خوش قسمتي سان ڪرونا وائرس سبب ڪابه فوتگي نه ٿي آهي، جڏهن ته 7711 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 125 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي.

مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪابه فوتگي نه ٿي ۽ اربع تائين فوتين جو انگ 7599 هو. مراد علي شاهه چيو ته 7711 ٽيسٽون ڪرڻ سان 125 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا 1 ڏهائي 6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 665774 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 472017 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي، انهن مان 95 ڏهائي 7 سيڪڙو يعني 451643 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 55 مريض شامل آهي.

وڏي وزير چيو ته هن وقت 12775 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 12561 گهرن ۾، 20 آئيسوليشن سينٽرن ۽ 194 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 190 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن مان 14 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button