اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جي اعظم سواتي کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير اعظم سواتي کي جواب جمع ڪرائڻ جو وقت ڏئي ڇڏيو. خميس تي اليڪشن ڪميشن ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي جي اليڪشن ڪميشن خلاف بيان بازي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. اعظم سواتي پنهنجي وڪيل علي ظفر سان گڏ ڪميشن ۾ پيش ٿيو، اعظم سواتي سان ٻڌي جي اظهار لاءِ وفاقي وزير شبلي فراز، مملڪتي وزير فرخ حبيب، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي، شهباز گل، اعجاز چوڌري ۽ ٻيا پي ٽي آئي اڳواڻ به ان سان اليڪشن ڪميشن آيا. پي ٽي آئي ميمبرن جووڏو انگ روسٽرم تي پهچي ويو ته اليڪشن ڪميشن سمورن ميمبرن کي روسٽرم تان هٽائي ڇڏيو. وڪيل علي ظفر چيو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن جو ٻيو نوٽيس ناهي مليو، اسان کي اڄ خبر پئي ته اليڪشن ڪميشن ٻه نوٽيس جاري ڪيا آهن. گذارش آهي ته نوٽيس ڏئي ڇڏيو ته جيئن جواب ڏئي سگهون. اليڪشن ڪميشن ميمبر چيو ته ايندڙ شنوائي تي چارج فريم ڪنداسين. وڪيل علي ظفر چيو ته هاڻي هي فيصلو نه ڏيو، ايندڙ شنوائي صرف جواب لاءِ رکو جيڪڏهن اوهان شنوائي چارج فريم لاءِ رکي وٺندا ته تاثر ويندو ته اوهان فيصلو ڪري ويٺا آهيو. مان اوهان جي اليڪشن ڪميشن جي سٺي تاثر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ميمبر نثار دراني چيو ته ٻڌايو وڃي ته پهريان ڪهڙو تاثر وڃي چڪو آهي. بلوچستان ميمبر شاهه محمد جتوئي چيو ته فرد جرم لاءِ شوڪاز جو جواب لازمي نه آهي. بئرسٽر علي ظفر جواب ڏنو ته اهڙي قسم جي ڪارروائي سان غلط تاثر وڃي رهيو آهي. قانون مطابق موقف ٻڌڻ بنا فرد جرم لاڳو نٿي ٿي سگهي. اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ڪيس جي شنوائي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button