پاڪستانپنجاب

تحريڪ لبيڪ سربراهه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول لسٽ مان خارج

لاهور: تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول جي لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي طرفان 487 ڄڻن جا نالا فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جو نالو به شامل آهي. گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حافظ محمد سعد ولد خادم حسين جو نالو دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع جي فورٿ شيڊول جي لسٽ مان خارج ڪيو ويو آهي، سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول مان ڪڍڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽين پنهنجون سفارشون پيش ڪيون هيون. پنجاب حڪومت جي جاري نوٽيفڪيشن موجب فورٿ شيڊيول مان نالو ڪڍڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعن جي پوليس رپورٽ تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ هيل تائين تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 577 ڄڻن جا نالا فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button