غير درجه بندي

اي پي سي ڪميشن رپورٽ: انصاف ڪٿي آهي؟

Editorial-Article-Ajaz Mangi


ملڪ جا معاملا ڪنهن ٻي موڊ ۾ هلندا محسوس ٿي رهيا آهن. وزير اعظم عمران خان جهڙي ريت سپريم ڪورٽ ۾ آيو ۽ هن اچي اهو موقف پيش ڪيو ته “ڪا به مقدس ڳئون ناهي. جنهن لاءِ حڪم ڪريو ته ڪارروائي ڪرڻ جي لا تيار آهيون.” ان جو مطلب سمجهو ته سمجهي ويا هوندا پر سپريم ڪورٽ جا جيڪي رمارڪس هئا، اهي به ڪنهن آرسيءَ کان گهٽ نه هئا. سپريم ڪورٽ چٽن لفظن ۾ چيو ته ميڊيا رپورٽس مطابق حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، جن معصوم ٻارن ۽ استادن جو خون وهايو. ڇا اهڙي عمل سان حڪومت بي رحميءَ جي نئين دستاويز تي صحيح ڪرڻ چاهي ٿي؟
سپريم ڪورٽ ته ٽي ايل پي جي سلسلي ۾ به سرڪار کان پڇاڻو ڪيو آهي پر اهم ڳالهه وري به اي پي سي جو اهو واقعو آهي، جنهن لاءِ ان وقت جي آرمي سربراهه اهو نه به چئي ها ته “دشمن قوم جي دل کي نشانو بڻايو آهي” ان واقعي تي ان مهل پوري قوم جو ردعمل ڪهڙو هو؟ هن مهل ته عمران خان وزير اعظم آهي پر جڏهن هو ڊي چونڪ تان اٿي آيو هو ۽ قومي مفاد ۾ هن پنهنجو ڌرڻو ختم ڪيو هو ته ان مهل هو پنهنجي دلي ڪيفيت وڏي صدمي واري بيان ڪري رهيو هو پر صدمن جي سلسلي ۾ نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته وقت غم کي ميساري ڇڏيندو آهي. پر هي ته ڪو اهڙو غم نه هو، جنهن کي وقت ميساري ڇڏي. عمران خان کان اهو ڏک وسري سگهي ٿو پر جن جي گهرن جا ٻچڙا بيدرديءَ سان قتل ٿيا، اهي ان غم کي زندگيءَ جي آخري ساهه تائين وساري نه سگهندا. ڪي غم سموري زندگي ساڻ هلندا آهن. اي پي سي جو به واقعو به پنهنجي پويان هڪ اهڙو غم ڇڏي ويو آهي.
عمران خان سپريم ڪورٽ جي آڏو جڏهن اهو بيان ٿو ڏئي ته ان وقت هن جي حڪومت نه هئي ۽ هن جي حڪومت صرف ڪي پي ڪي ۾ هئي، ان ڪري انهن معاوضو ادا ڪيو هو ته هن کي موٽ ۾ ڪورٽ سڳوريءَ جا اهي لفظ ٻڌڻا پيا ته اهي ڳالهيون ڪري اوهان وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهيو. عمران خان وٽ ان سوال جو اصولي طور تي ڪو جواب نه هو ۽ هڪ ڏاهي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ چوڻ لاءِ لفظ نه هجن ته خاموش رهو. جيڪڏهن وزير اعظم خاموش رهي ها ته هن جي خاموشيءَ ۾ عوام ڪيترن سوالن جا جواب تلاش ڪري وٺي ها. پر هو پوءِ به پنهنجي حڪومت جو دفاع ڪندو رهيو. اها تمام اڻ وڻندڙ ۽ ارهائي ڏيندڙ ڳالهه هئي. ڪنهن به حڪمران وٽ ان سوال جو جواب نه ٿو ٿي سگهي.
عمران خان کي اقتدار ۾ رهندي ٽن سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي ۽ اي پي سي ڪميشن ڇهن سالن کان وٺي انصاف تي عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ فائيلن ۾ ڦٿڪي رهي آهي. ڇا اها نااهلي ۽ بيحسي ناهي؟ هڪ طرف اسان جي 45 ٻارن جا لاش پيا هجن ۽ ٻي طرف اسان امن جون ڳالهيون ڪيون. اهو تضاد ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ عمران خان جيڪڏهن مخالف ڌر ۾ هجي ها ته اڄ هن جو ڪهڙو موقف هجي ها؟ اڄ حڪومت جي باري ۾ هو ڇا چوي ها. جيڪڏهن هن جي حڪومت نه هجي ها ته هن جو موقف ڪهڙو هجي ها؟ عمران خان ۾ جيڪڏهن سياسي اخلاق جي ايتري سگهه هجي ها ته هو پاڻ پنهنجي حڪومت جي مٿان اهو تبصرو ڪري ها، جيڪو هوند هو ڪنهن ٻي حڪومت لاءِ ڪري ها. عمران خان جي حڪومت کي ساڍا ٽي سال گذري ويا آهن پر هن کي پشاور ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارن جو ڪو خيال نه آيو.
اي پي سي وارو واقعو ته اقتداري سياست کان مٿي هجڻ کپندو هو. ان باري ۾ جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت بي انصافيءَ جو مظاهرو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ مخالف ڌر ان جي باري ۾ ڳالهائي ها. مريم نواز کي پنهنجي والد جي پليٽليٽس جي ته تمام گهڻي ڳڻتي هئي پر هن کي ڪلاس رومن ۾ وهندڙ معصوم ٻارڙن جي رت جو ڪوئي احساس نه ٿيو. جيڪڏهن هوءَ پنهنجي شعلابيانيءَ ۾ هڪ ڀيرو به آرمي پبلڪ اسڪول جو ذڪر ڪري ها ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو احساس ضرور ٿئي ها ته سياست جي سيني ۾به دل هوندي آهي. اسان پنهنجن عملن سان ثابت ڪيو ته اسان ۾ اخلاقي طور تي ڪيتري همت ۽ ڪيتري حساسيت آهي؟ اسان جو ملڪ بيحسيءَ جي اهڙي ڌٻڻ ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتان ڪوئي اڳواڻ هن کي هٿ ڏئي ٻاهر نه ٿو ڪڍي.
اڄ به جڏهن اسان اي پي سي واري واقعي کي ياد ڪريون ته اسان جون اکيون ڀرجي اچن ٿيون. اسان جي حڪمرانن کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هي اهو واقعو هو، جنهن تي ڀارت جي حساس ماڻهن ۾ به ٻن ملڪن جي روايتي دشمني وساري ڳوڙها ڳاڙيا هئا. اهو تمام وڏو الميو هو. جيڪڏهن عمران خان ان واقعي کي ويسر جي واهڙ ۾ نه وجهي ها، تڏهن به هن لاءِ اسان کي اهڙا لفظ نه لکڻا پون ها. ڇو ته هي معاملو سياست کان تمام وڏو هو. هن معاملي تي ته انسانيت جو ڪنڌ به جهڪي ويو هو. ڇو ته چوڻ ۾ به ته اهي به ماڻهو هئا، جيڪي ڏاڪڻ رکي آرمي پبلڪ اسڪول جي ڀت ٽپيا هئا ۽ انهن ٻارن جي مٿان انڌاڌنڌ گوليون وسايون هيون. ان ڏينهن تي نه صرف مقتولن جي وارثن پر ملڪ جي ڪيترن ئي گهرن ۾ رات جي ماني نه ٺهي هئي. ڇو ته ماڻهن جي اکين ۾ بار بار انهن معصومن جا گلاب چهرا اڀري ٿي آيا، جيڪي پنهنجي رت ۾ ريٽا ڪيا ويا. اسان کي نه وسارڻ گهرجي، اسان کي بلڪل به نه وسارڻ گهرجي ته جيڪي ميڊيا فوٽوگرافر ان واقعي کي ڪور ڪرڻ ويا هئا، انهن جا اهي بيان به هئا ته انهن جا پير ٻارن جي رت ۾ ترڪي رهيا هئا.
تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ان جو احساس ڇو نه ٿو ٿئي ته ساڍا ٽي سال تمام گهڻو وقت هوندو آهي. ان وقت دوران قوم جي معصوم شهيدن کي جهڙي ريت فراموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها حرڪت ڀلي ڪير به ڪري پر ڪنهن به ريت معاف ڪرڻ جوڳي ناهي. ڇو ته اهو هڪ اهڙو گڏيل درد آهي، جنهن تي پوري قوم جون دليون ڌڙڪيون هيون ۽ ان وقت به ڪيترن ئي تجربيڪار تجزيي نگارن جو خيال هو ته ان واقعي کي به فراموش ڪيو ويندو ۽ وساريو ويندو، اهو سڀ ڪجهه، جنهن تي اڄ لڙڪ لاڙيا پيا وڃن.
سپريم ڪورٽ سرڪار کي اهوئي ياد ڏياريو ته هوءَ پنهنجن اعلانن کي وساري چڪي آهي ۽ عمران خان جي حڪومت به ملڪ جي روايتي حڪومت بڻجي وئي آهي، جنهن حڪومت لاءِ چيو پيو وڃي ته اها “تحريڪ انصاف” جي حڪومت آهي. ڇا هن حڪومت جا سربراهه ٻڌائڻ گوارا ڪندا ته انصاف ڪٿي آهي؟ ڇا وزيراعظم هائوس، چيف منسٽر هائوس ۽ گورنر هائوسز ۾ انصاف آهي؟ ڇا انهن سرڪاري گهرن ۾ احساس آهي؟ جيڪڏهن انهن گهرن ۾ احساس جو ڪو پاڇو پوندڙ هجي ها ته انهن گهرن ۾ ئي انهن حڪمرانن جا ٻار کيڏن ٿا. ڇا انهن ٻارن کي ڏسي هڪ ڀيرو به حڪومت کي اهي ٻار ياد نه آيا، جيڪي علم حاصل ڪرڻ ويا هئا ۽ گولين سان ڇاڻي بڻيل لاش ٿي واپس وريا. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ ڪو وڏو واقعو آهي ته اهو واقعو اي پي سي جو آهي. اي پي سيءَ واري واقعي کان پوءِ به اسان کي ياد آهي ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين ملڪ جا اسڪول بند هئا. ان ڳالهه جي خبر هن ملڪ جي ٻارن کي به هئي. جڏهن اسڪول کليا هئا ته اهي تحفظ جا شرط پورا ڪرڻ واري شرط تي کليا هئا. ان مهل به معصوم ٻارن جي مائٽن کي ڪيترو نه الڪو هوندو هو. ڇو ته هر ڪنهن کي اهو خوف هو ته وحشت وارو اهو واقعو ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به ورجائجي سگهي ٿو. ان ڪري ٻارن جا مائٽ ڪيتري وقت تائين ته پنهنجن ٻارن کي اسڪول نه موڪليندا هئا.
عمران خان جي حڪومت مان اها توقع ڪنهن کي نه هئي ته هو ٻارن جو قتل عام فراموش ڪري ڇڏيندو پر هن جي لفظن پاڻ اها گواهي ڏني آهي ته هن ٻارن جو قتل عام سياسي مفادن جي ڪري منظرعام تي آڻڻ نه پئي چاهيو. هن وقت به عمران خان جي نيت اها ناهي ته هو سپريم ڪورٽ پاران آئينو ڏيکارڻ تي احساس ۾ ڀرجي ويو آهي. هن کي هن مهل به پنهنجي حڪومت جو فڪر آهي. سپريم ڪورٽ سرڪار کي جيڪو هڪ مهيني جو مدو ڏنو هي، ڇا ان هڪ مهيني ۾ حڪومت اهو ڪم ڪري سگهندي، جيڪو ساڍا ڇهه سال عام طور تي عمران خان جي سلسلي ۾ ساڍا ٽي سال خاص طور تي نه ٿي سگهيو!!؟
سپريم ڪورٽ اي پي سي ڪميشن رپورٽ تي عمل درآمد نه ٿيڻ جي سلسلي ۾ جنهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، اها ڪاوڙ قانون ۽ انصاف جي آهي. اها ڪاوڙ قوم ۽ عوام جي آهي. سياستدانن لاءِ سمجهوتا ڪرڻ آسان هوندا آهن پر جيڪي سياست جي گندي گهٽيءَ کان پري رهندا آهن، اهي ڪجهه معاملن تي ڪنهن به ريت ڪمپرومائيز ڪرڻ نه چاهيندا آهن. هن ملڪ ۾ اڄ به اهڙن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جيڪي ٻارن جي قتل عام واري واقعي کي سياسي سمجهوتي جي صورت ۾ ويندو ڏسڻ برداشت نه ڪري سگهندا. انهن ماڻهن لاءِ اڄ عمران خان جي حڪومت جو اميج ڪهڙو هوندو؟ عمران خان پاڻ ئي ته چوندو هو ته “انصاف کانسواءِ ڪوئي ملڪ نه ٿو هلي سگهي” هاڻي عمران خان پاڻ ٻڌائي ته جنهن ملڪ ۾ معصوم ٻارن جي وهيل خون سان انصاف نه ٿي سگهي ته ان ملڪ ۾ ڪو ٻيو ڪهڙي انصاف جي اميد رکي سگهي ٿو؟
اي پي سي ڪميشن رپورٽ ۾ گهڻو ڪجهه لکيل آهي پر ان ۾ هاڻي اهو به لکيو وڃڻ گهرجي ته اسان اميد کان آجي ملڪ جا رهواسي آهيون. جتي انصاف نه هجي، اتي اميد پنهنجو پاڻ مرجهائجي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button