پاڪستانخيبرپختونخوا

نه ڦڏو نه انتظار،خيبر پختونخوا جي گورنر صحيح ڪري اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، ڪابينا به تحليل

خيبر پختونخوا جي گورنر حاجي غلام علي صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن بعد پختونخوا اسيمبلي ۽ ڪابينا ٽٽي وئي، گورنر نگران وڏي وزير جي مقرري تائين وڏي وزير محمود خان کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان گذريل رات اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح گورنر ڏانهن اماڻي هئي، جنهن تي صلاح مشوري بعد گورنر حاجي غلام علي آئين جي آرٽيڪل 112 تحت اربع تي صبح جو صحيح ڪري ڇڏي جنهن بعد پنجاب کانپو پختونخوا جي صوبائي اسيمبلي به ٽٽي وئي، گورنر جي حڪم موجب صوبائي ڪابينا به ختم ٿي وئي جڏهن ته گورنر حاجي غلام علي نگران وڏي وزير جي مقرري تائين وڏي وزير محمود خان کي ذميواريون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف گورنر صوبي جي وڏي وزير محمود خان ۽ اپوزيشن اڳواڻ اڪرم دراني کي پاڻ ۾ صلاح مشوري ذريعي نگران وڏي وزير جي مقرري جي حوالي سان اتفاق راءِ قائم ڪرڻ لا به چيو آهي. گورنر حاجي غلام علي چيو آهي ته هاڻي وقت ضايع نه ڪيو وڃي، گڏيل اتفاق سان هڪ نالي تي سهمت ٿيڻو پوندو، اسان کي معاشي ۽ سياسي بحران ختم ڪرڻو پوندو، مون وقت ضايع ڪرڻ بدران قوم جا 2 ڏينهن بچايا آهن، ڇاڪاڻ ته اڳيئي قوم جو وڏو وقت ضايع ٿي چڪو آهي، هاڻي قوم کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي هن حالت تي ڪنهن پهچايو آهي، اسيمبلي ٽوڙڻ بدران جوڙڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، وڏو وزير محمود خان گورنر هائوس ۾ هيليڪاٽر مان لهڻ کانپو به مون سان نه ملندو آهي، مون کان پهرين ڪو به گورنر عوام وٽ ناهي ويو، مان هتان نڪري عوام جي وچ ۾ ويندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button