پاڪستانسنڌ

ٺاروشاھه ۾ مبينا مقابلي ۾ ماريل 2 پورهيتن جي وارثن جو ڌرڻو، پوسٽ مارٽم رپورٽ رد ڪري ڇڏي

ٺاروشاھ: ٺاروشاھه ڀرسان 8 ڏينهن اڳ ڊي ايس پي حميد پنهور پاران مبينا مقابلي ۾ ماريل ٻن پورهيتن محب سولنگي ۽ اطهر سولنگي جي وارثن مقتول اطھر سولنگي جي پيرسن ما سوني، زهران سولنگي، عبدالرشيد، ممتاز علي، حاڪم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوانن اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي کي ڊي ايس پي حميد پنهور قتل ڪري پوليس جو ڪوڙو مقابلو ڏيکاريو آھي ۽ ڊاڪٽر سان ملي ڀڳت ڪري لکين روپين جي رشوت ذريعي ڪوڙي پوسٽ مارٽم رپورٽ ٺاھي پيش ڪئي وئي آھي، جنھن کي اسان رد ڪيون ٿا، هنن چيو ته ڊي ايس پي اسان غريبن سان وڏو ظلم ڪري پورهيتن مٿان ڦر جو جڙتو مقابلو ڏيکاري خون لوڙهڻ چاهي ٿو ۽ اسان کي عدالت جو در کڙڪائڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن ۽ ٻيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز پڻ اسان جي هڪ به نه ٻڌي رھيو آھي، جنھن سبب اسان سر اپا احتجاج بڻجي عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھيون.

هنن چيو ته سول اسپتال نوشهروفيروز جي ڊاڪٽر مشتاق مهيسر پوليس کان ڳري رشوت وٺي اسان جي ٻن مقتولن جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ تبديل ڪئي آهي، جنهن تي اسان سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته تحفظ ڏئي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button