پاڪستانسنڌ

شهدادپور ڪاليج ۾ ٽيبل ٽينس ۽ بيڊ منٽن جا زبردست مقابلا

شهدادپور: ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شاهده پروين ابڙو جي حڪم تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادپور ۾ راندين جي هفتي ملهائڻ جي سلسلي ۾ ٻئي ڏينهن تي ٽيبل ٽينس ۽ بيڊ منٽن جا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي سڀني گروپن جي ڪلاسز جي ٽيمن حصو ورتو. ٽيبل ٽينس جي فائنل ۾ انٽر انجنيئرنگ جي محسن رضا ۽ فرسٽ ايئر انجنيئرنگ جي محمد احمد ۾ مقابلو ٿيو، انٽر انجنيئرنگ جي محسن رضا سخت مقابلي کانپو محمد احمد کي شڪست ڏني. بيڊمنٽن راند سنگل ۾ فائنل مقابلو انٽر جي محسن رضا ۽ فرسٽ ايئر انجنيئرنگ جي مدثر ۾ ٿيو، جنهن ۾ محسن رضا رانديگر مدثر کي هارائي ڇڏيو. بيڊمنٽن ڊبل ۾ فائنل مقابلو انٽر انجنيئرنگ ۽ فرسٽ ايئر انجنيئرنگ جي ٽيمن ۾ ٿيو، سخت مقابلي کانپو انٽر جي ٽيم فرسٽ ايئر ٽيم کي هارايو. ميچ جو افتتاح ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر عبدالمجيد جمالي ڪيو، ميچ جو آرگنائيزر اڳوڻو ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر سانگهڙ ۽ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن خدابخش جتوئي هو. آفيشلز جون ذميواريون پروفيسر وسيم بيگ عظيمي ۽ پروفيسر شعيب سنڀاليون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button