پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ مغوي نينگري بازياب نه ٿي، مير منور ڪئمپ تي پهتو

ميرپورخاص: کاڻ ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا 9 سالن جي نينگري فوزيه خاصخيلي کي 3 مهينا گذرڻ باوجود پوليس هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، نينگري جو والد نظر محمد 13 ڏينهن به ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل رهيو. جتي پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر ۽ ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه پهتا، هنن معصوم نينگري فوزيه خاصخيلي جي والد نظر محمد خاصخيلي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته مظلومن سان گڏ آھيان، معصوم نينگري جي گم اغوا کي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ ۽ انتظاميا جي لاپرواهي سبب سندس خاندان ۾ ڏک واري ڪيفيت آھي، اسان نظر محمد جي هر طرح جي مدد ڪنداسين. هنن چيو ته اسان آ جي سنڌ، ڊي آ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص سان ملاقات ڪري معصوم نياڻي جي بازيابي لا ڪوشش ڪنداسين. ٻئي طرف ايس يو پي اڳواڻ منظور ميمڻ، واجد لغاري، سول سائٽي سان تعلق رکندڙن به احتجاجي ڪئمپ تي شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button