پاڪستانسنڌ

ٺاروشاھه لڳ نوجوان ڇوڪري پاڻ کي گولي هڻي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

ٺاروشاھه: ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ پنو سولنگي ۾ 18 ورهين جي نوجوان ڇوڪري فائزه ڌي استاد محمد رمضان سولنگي گھرو اڻبڻت تان پاڻ کي پسٽل جي گولي ھڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، جڏھن ته ٺاروشاھه پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال پھچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن ايس ايڇ او اشرف ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڇوڪري جي لاش ملڻ جو اطلاع ملڻ تي ڳوٺ پنو سولنگي ۾ پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو آھي.

هن چيو ته ڇوڪري جي پي محمد رمضان سولنگي بيان ڏنو آھي ته ڇوڪري گھرو پريشاني کان تنگ اچي گھر جي الماڙي ۾ پيل پسٽل سان خودڪشي ڪئي آھي، کيس ڪنھن قتل ناھي ڪيو. هن چيو ته خودڪشي ۾ استعمال ٿيل پسٽل ھٿ ڪيو آھي. معاملي جي ھر رخ کان جاچ ڪري رھيا آھيون. جڏهن ته ڇوڪري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button