سنڌ

کنڀي گم ڪيل استاد جي ايم لغاري بازياب نه ٿيو، گهرڀاتين جا مورو ۽ شاهپورجهانيان ۾ مظاهرا

مورو واسي استاد، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ غلام مرتضيٰ (جي ايم) لغاري بازياب نه ٿي سگهيو، جنهن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف مورو شاهپور جهانيان ۾ گهرڀاتين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن. غلام مرتضيٰ لغاري جي بازيابي لا سندس والده غلام فاطمه، گهرواري فريده لغاري، ڀيڻ سنڌو، ٻارڙن نرجس، ڪونج ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن مورو پريس ڪلب اڳيان پنجين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي. هوڏانهن شاهپورجهانيان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. مائي غلام فاطمه چيو ته منهنجو پٽ پرائمري استاد آهي، هن جو ڪنهن به قومپرست جماعت يا ڪنهن تنظيم سان واسطو ناھي، غلام مرتضيٰ کي حيدرآباد ويندي نامعلوم ماڻھن کنڀي گم ڪيو آھي ۽ هاڻي اسان جو هن سان ڪو به رابطو نه ٿي رھيو آھي. هنن چيو ته ھڪ ھفتي کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آھي پر کنڀي گم ڪيل جي ايم لغاري کي ظاھر نھ ڪيو ويو آهي، ڪنھن بيگناھه کي بنا ثبوت جي کنڀي گم ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آھي ۽ اھو عمل اسان گهرڀاتين لاءِ ڪيترو تڪليف ڏيندڙ آھي، ان جو شايد ڪنھن کي احساس ھجي، جيڪڏھن جي ايم لغاري تي ڪو ڪيس وغيره آھي ته کيس ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button