اسلام آبادپاڪستان

پ پ گلگت لا دل جي اسپتال جو تحفو ڏيندي:آصف زرداري

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ صحت جا کوڙ سارا مسئلا آهن. دل جي مرضن جي هڪ جديد اسپتال ٺاهي ويندي. پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي پارلياماني ۽ تنظيمي وفد جي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ جي اڳواڻي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان زرداري هائوس ۽ اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي. وفد ۾ پيپلزپارٽي جو جنرل سيڪريٽري انجنيئر محمد اسماعيل، سينيئر نائب صدر جميل احمد، پيپلزپارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ صوبائي اطلاعات واري سيڪريٽري سعديه دانش، نائب صدر بشير احمد، اسيمبلي ميمبر غلام شهزاد آغا، ڪائونسل ميمبر ايوب شاهه، پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جو صوبائي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ عطيق الرحمان گڏ هئا. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خيريت پڇي ۽ ملڪي سياست ۾ ان جي حاڪاري ڪردار کي ساراهيو. آصف زرداري چيو ته گلگت بلتستان جو عوام اسان جي دل جي گهڻو ويجهو آهي، پيپلزپارٽي ۽ گلگت بلتستان جو نه ٽٽندڙ مضبوط رشتو آهي. گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي سميت اتان جي آئيني انتظامي ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي هميشه هاڪاري قدم کنيا آهن ۽ آئينده به پيپلزپارٽي کي موقعو مليو ته گلگت بلتستان کي آئيني حق فراهم ڪرڻ سميت اتان جي بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ اثرائتا ۽ سنجيده قدم کنيا ويندا. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ کوڙ سارا مسئلا آهن خاص ڪري دل جي مرضن جي مريضن جي انگ ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي جنهن کي نطر ۾ رکندي اتي دل جي مرضن جي هڪ جديد اسپتال تعمير ڪئي ويندي جيڪو پي پي جي قيادت طرفان اتان جي عوام لاءِ تحفو هوندو. آصف زرداري پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي وفد کي هدايت ڪندي چيو ته گلگت بلتستان جي عوام سان مضبوط رابطو قائم رکو ۽ عوامي اشوز تي عوام جو آواز بڻجو ملاقات ۾ پيپلزپارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد نئير حسين بخاري به موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button