سنڌ

رائونتي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن، 5 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

گهوٽڪي پوليس جي وڏي نفري ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪري 5 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جن ۾ حيدرآباد، تنگواڻي، ڪوئيٽا، پشين ۽ راجنپور جا رهواسي شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه شڪي گرفتار ٿيڻ جا اطلاع آهن. تفصيل موجب ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير حسين تنيو جي ھدايتن تي رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي وڏي نفري جو ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جي اڳواڻي ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن جاري آهي، پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد پوليس مبينا مقابلي ۾ 5 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو، جن ۾ پشين واسي مولوي عصمت الله پٺاڻ، ڪوئيٽا واسي حسين خان پٺاڻ، تنگواڻي ضلعي ڪشمور جو رھواسي محمد بخش لاشاري، راجنپور واسي سعيد احمد ۽ حيدرآباد جو خالد احمد شاهه شامل آهن، پوليس ڏوھارين جي ٿاڪن تي قبضو ڪري باھيون ڏئي ڇڏيون، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو ٻڌايو ته رائونتي جي ڪچي ۾ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو جي حڪم تي آپريشن شروع ڪيو آھي جتي پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آھي، پوليس آپريشن دوران سخت مقابلي بعد ڏوھارين جي قيد مان پنجن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو چيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، اڄ وڏي ڪاميابي ملي آهي، مقابلي بعد پنجن مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي ۽ ڏوهاري پنهنجا ٺڪاڻا ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، ڏوھارين کي انجام تي پھچائڻ تائين آپريشن جاري رھندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ انعام رکيل ڏوهاري فيضو شر سميت 2 ڌاڙيل مارجي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button