پاڪستانپنجاب

محسن نقوي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر

لاهور :اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن محسن نقوي جي پنجاب جي نگران وڏي وزير طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. صوبائي حڪومت طرفان احمد نواز سکيرا، نويد اڪرم چيما جا نالا تجويز ڪيا ويا. جڏهن اپوزيشن محسن رضا نقوي ۽ احمد چيما کي نامزد ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽريري چئني نامزدگين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ذريعن موجب سيڪريٽري نامزدگين جي حوالي سان سندن پروفائل ۽ ڪريئر بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني. هاڻي اهو نالو فائنل ڪري گورنر پنجاب کي موڪليو ويندو. پرويز الاهي احمد نواز سکيرا، نويد اڪرم چيما جا نالا تجويز ڪيا هئا، جڏهن ته حمزا شهباز جي طرفان محسن رضا نقوي ۽ احمد چيما کي نامزد ڪيو ويو هو. واضح رهي ته پنجاب جي وڏي وزير طرفان اسپيڪر پنجاب اسميبلي طرفان جوڙيل پارلياماني ڪميٽي وقت سر نالا فائنل ڪرڻ تي اتفاق را نه ڪري سگهي هئي. ٻڌايو پيو وڃي ته محسن رضا نقوي هڪ ميڊيا هائوس جو مالڪ آهي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو سمجهيو وڃي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب مڪمل غُور ويچار ڪرڻ بعد محسن نقوي کي آئين جو آرٽيڪل 224 اي ٿري تحت نگران وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ خط لکي گورنر پنجاب کي چيو ويو آهي ته هو نگران وزيراعليٰ کان حلف کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button