سنڌ

ڪوٽ بنگلو ۾ نينگري کي ٻڌڻ جي سگهه حاصل ڪرڻ لا سرندي وارن جي مدد جي ضرورت

ڪوٽڏيجي ڀرسان ڪوٽ بنگلو جي لاشاري پاڙي ۾ 11 ورهين جي نينگري عاصما ڌي سڪندر علي پيدائش کان وٺي ٻڌڻ جي سگھه کان محروم آهي. نينگري جي گهرڀاتين صحافين کي ٻڌايو آهي ته عاصما کي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو آهي، جيڪي چون ٿا ته نياڻي کي ٻڌڻ لا ڪنن جي مشين لڳائي وڃي، هن ۾ ڳالهائڻ جي سگھه آهي، جيڪڏهن ڪجهه ٻڌندي ته جلد ئي ڳالهائڻ شروع ڪندي. هنن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون ايتري وصيت ناهي جو پنهنجي ڌي کي مشين وٺي ڏئي سگهون، ان سلسلي ۾ وس وارا ماڻهو، خانگي تنظيمون يا فلاحي ادارا اسان جي مدد ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button