اسلام آبادپاڪستان

پارلياماني ڪميٽي ۾ اپوزيشن کي برابر نمائندگي ڏيڻ تي راضپو

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي حڪومت پارلياماني ڪميٽي ۾ اپوزيشن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏيڻ تي راضي ٿي وئي. ذريعن موجب حڪومت پارلياماني ڪميٽي ۾ برابري نمائندگي جو اپوزيشن جو مطالبو قبولي ورتو آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته اپوزيشن ۽ حڪومت جي پارلياماني ڪميٽي ۾ 6،6 ميمبر هوندا ۽ ان جي چيئرپرسن شيري مزاري هوندي. حڪومت پارليامينٽ ڪيمٽي مان شفقت محمود، خالدا اطيب، ڪامل علي آغا ۽ سينيٽر هدايت الله ڪڍي ڇڏيو. ذريعا ٻڌائن ٿا ته پارلياماني ڪميٽي ۾ اعظم سواتي، فواد چوڌري، تاج حيدر، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ کي شامل ڪيو آهي. نظرثاني ٿيل پارلياماني ڪميٽي جو پهريون اجلاس 15 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي، ڪميٽي خبير پختونخواهه ۽ پنجاب جي ميمبرن جي مقرري تي غور ڪندي. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پهرين ڪميٽي ۾ حڪومت جا 7 ۽ اپوزيشن جا 5 ميمبر کنيا ويا هئا، ڪميٽي جا انکان اڳ 2 اجلاس اپوزيشن جي خدشن جي ڪري گهرائي ملتوي ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button