پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ مختلف برادرين جا اڳواڻ پ پ ۾ شامل

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پي ايس 66 ۾ رهندڙ مختلف برادرين پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. حيدرآباد شهر جي علائقي لياقت ڪالوني ۾ رهندڙ راجپوت، ميمڻ ۽ ٻين برادرين جي معزز ماڻهن پ پ ضلعي صدر صغير قريشي ۽ پ پ اڳواڻ پاشا قاضي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ۽ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان دوران خطاب ڪندي صغير قريشي چيو ته پ پ عوامي سمنڊ آهي، پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ دوستن جو آڌرڀا ڪيون ٿا. پ پ اڳواڻ پاشا قاضي چيو ته ماڻهن جي شموليت ثابت ڪري ٿي ته پ پ عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي. پارٽي جو يوم ياسيس ڀرپور نموني ملهايو ويندو، ان لا تياريون زور شور سان جاري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button