پاڪستانشوبز

عصر ملڪ سان ملڻ بعد شادي بابت خيال تبديل ٿيا: ملالا يوسفزئي

برمنگهم: تازو ئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويل نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي ماضي ۾ شادي بابت پنهنجي بيان تي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته هن ائين نه چيو هو ته هو شادي کي غلط سمجهي ٿي پر هن اهو چيو هو ته فوري طور تي هن جو نئين زندگي شروع ڪرڻ جو ارادو ناهي.

ان کان اڳ “ووگ” ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ ملالا يوسفزئي سوال اٿاريو هو ته ماڻهن کي شادي جي ضرورت ڇو پوي ٿي؟ ۽ رومانوي لاڳاپن لا ماڻهو شادي ئي ڇو ڪن ٿا، ضروري ناهي ته شادي جو معاهدو ڪيو وڃي؟ شادي بعد “ووگ” ۾ ئي لکيل پنهنجي مضمون ۾ بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. نوبل انعام يافته عورت جو وڌيڪ چوڻ هو ته “هو شادي جي خلاف ناهي پر ان جي روايتن ۽ رواج بابت محتاط هئي ۽ اهو ته کيس شادي بابت “پدر شاهي” سوچ تي اعتراض هو، ڇوجو عام طور تي شادي کي عورتن جي قرباني سمجهيو وڃي ٿو ۽ سندن ڪيريئر ختم ٿي وڃي ٿو.”

هن پنهنجي ڊگهي مضمون ۾ ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته والدين طرفان سمجهائڻ ۽ عصر ملڪ سان ملڻ ۽ ساڻس لاڳاپن تي ڳالهائڻ بعد سندس خيال تبديل ٿيا.

ملالا لکيو ته سندس سرپرستن، والدين، ويجهن ساٿين ۽ عصر ملڪ شادي بابت سندس سوچ تبديل ڪئي ۽ هن ان ڳالهه تي غور ڪيو ته جيڪڏهن سٺو جيون ساٿي ملي وڃي ته شادي برابري، انصاف ۽ قدرن کي وڌائڻ جو ذريعو به ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button