پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ گهر کي باهه، 4 لک جو هينڊي ڪرافٽس جو سامان ۽ ڏاج رک

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي ميگھواڙ پاڙي ۾ باھه لڳڻ سبب ھينڊي ڪرافٽس جو ڪم ڪندڙ پورھيت ڀگوان ولد ڪيول ميگھواڙ جي گھر جي ڪمري ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو، باهھ تي پاڙيوارن ضابطو آندو. ھوڏانھن متاثر پورھيت ڀگوان داس ميگھواڙ صحافين کي ٻڌايو ته باهھ جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو آھي، ڪمري ۾ چار لک رپين جو منھنجو ڀرت خريد ڪيل ھو، ان کانسوا منھنجي گھرواري کي مليل ڏاج به سڙي رک ٿي ويو. هن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button