اسلام آبادپاڪستان

بلاول ۽ فضل الرحمان ۾ ملاقات،حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد:بلاول ڀُٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو ۽ حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف پارليامينٽ ۾ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نيب، اليڪشن سڌارن ۽ ٻين معاملن تي قانونسازي بابت حڪومت پاران پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل تجويزن جي مخالفت ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڪالهه بلاول ڀُٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ قمر زمان ڪائرا به موجود هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين مولانا فضل الرحمان کان طبيعت بابت پڇاڻو ڪيو ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پي ڊي ايم ۾ واپسي تي ڳالهيون ناهن ٿيون. ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. مولانا فضل الرحمان سان گفتگو ڪندي بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته توهان جهونا سياستدان آهيو، ٽن نسلن کان اسان جو رشتو آهي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ احتساب جي حوالي سان قانونن تي پارليامينٽ ۾ گڏيل لائحه عمل وڌيڪ ڪاميابين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پارليامينٽ جي ذريعي ئي حڪومت کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت جون پارليامينٽ ۾ تازيون ناڪاميون اپوزيشن جون وڏيون ڪاميابيون آهن. ان کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ بابت سوال تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اڄ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي، جڏهن موقعو ايندو ته ڳالهه ڪنداسين. پارليامينٽ کان ٻاهر اتحاد بابت چيو ته هو ڪو به فيصلو اڪيلي سِر نه ڪندا. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته گڏيل اپوزيشن جمهوريت روايتن سان حڪومت کي نقصان پهچايو، اسان جي ڪوشش آهي ته جمهوري انداز سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي وڃي.بلاول ڀُٽو زرداري جو اهو به چوڻ هو ته اسان پارليامينٽ ۾ گڏجي ڪم ڪندا آهيون، مولانا فضل الرحمان سان تعلق آهي ۽ اهو رهندو، سياست ته هلندي رهندي پر اسان جو تعلق به هلندو رهندو. جڏهن ته ي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جعلي مينڊينٽ واري هن حڪومت کي آئيني تسليم نه ٿا ڪيون، تنهن ڪري اهڙي حڪومت جي ڪا به قانونسازي به اسان کي قبول نه آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار جعلي عددي اڪثريت ظاهر ڪندي، جيڪڏهن قانون منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ان کي آمراڻو قدم قرار ڏينداسين ۽ اهڙي قانونسازي جي ڪا حيثيت نه هوندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن جي اتحاد سبب وفاقي حڪومت کي ڀڄڻو پيو ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته خبر نه آهي ته حڪومت هاڻي اڪثريت ثابت ڪرڻ لاءِ ڇا ڪجهه خريد ڪندي. پيپلزپارٽي جي پي ڊي ايم سان اختلافن ۽ ماضيءَ جي ڪردار بابت پڇيل سوالن جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان وٽ مهمان ٿي آيو آهي، تنهن ڪري هن موقعي تي اهڙي ڪا به ڳالهه نٿا ڪرڻ چاهيون جيڪا روايتن جي ابتڙ هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button