اسلام آبادپاڪستان

افغان پرڏيهي وزير جي وزيراعظم سان ملاقات  غذائي شيون موڪلڻ جو اعلان

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو آهي ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر ممڪن قدم کڻڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون. موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي افغان وفد ۾ وقتي ناڻي وارو وزير، صنعت ۽ واپار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار سامل هئا. وزيراعظم افغانستان جي حمايت ۽ انهن جي ملڪ کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي مدد لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ ٺوس افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قدمن، سمورن افغانين جي حقن جي تحفظ، نظم ۽ ضبط ۽ سياست ۾ سمورين ڌرين جي سموليت سان افغانستان ۾ استحڪام کي هٿي ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عبوري افغان حڪومت عالمي برادري سان تعميري ڳالهيون جاري رکندي ۽ درپيس مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثبت قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ فوري طور تي انساني بنياد تي ريليف جي فراهمي جي لاءِ مسلسل زور ڏئي رهيو آهي. ويراعظم معاشي تباهي کان بچڻ جي لاءِ افعانستان جا منجمند ڪيل اثاثا جاري ڪرڻ ۽ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن ۾ سهولت جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته امداد ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان افغانستان کي ڪڻڪ، چانور، هنگامي طبي امداد ۽ شيلٽرز سان لاڳاپيل سامان سميت ضرورت جون شيون فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سهولت جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فروغ جي لاءِ ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي شگر مل انڊسٽري پنهنجو ڪم ڪري. ڪالهه عمران خان سان ملاقات ۾ شگر ملز ايسوسي ايشن 20 نومبر کان اڳ کنڊ جي پيداوار شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ايسوسي ايشن جي چيئرمين ذڪا اشرف ٻڌايو ته هڪومت ۽ شگر مل انڊسٽري جا سڀ معاملا حل ٿي ويا آهن، وزيراعظم کي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو چيو، حڪومت کان جيڪا شڪايت هئي اها ختم ٿي وئي. ذڪا اشرف چيو ته حالات نارمل ٿي ويندا، کنڊ جي قيمت مارڪيٽ فورسز طئي ڪنديون، ڪمندا جا اگهه مقرر ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button