پاڪستانسنڌ

مٺًي ۾ پ پ اڳواڻ ۽ ايڪسيئن بلڊنگس ۾ منهن ماري،مظاهرو

مٺي: مٺي جي بلڊنگس آفيس ۾ سي سي روڊ جي 17 لک رپين واري اسڪيم جي رهيل بل جي منظوري ۽ مبينا رشوت طلب ڪرڻ تان پ پ اڳواڻ نند لال مالهي ۽ ايڪسيئن بلڊنگ اوم پرڪاش وچ ۾ ڏند چڪ بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ايڪسئين بلڊنگ پ پ اڳواڻ ۽ سندس ٺيڪيدار پٽ ڪندن مالهي مٿان غيرقانوني طريقي سان بل منظور نه ڪرڻ تان آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڌمڪين جا الزام لڳائيندي ڪيس داخل ڪرائڻ لا مٺي ٿاڻي تي درخواست ڏني. جڏهن ته پ پ اڳواڻ الزامن کي رد ڪندي آفيسر مٿان 5 لک رپيا رشوت طلب ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي. ان ڏس ۾ ايڪسئين بلڊنگس ٿرپارڪر اوم پرڪاش رابطو ڪرڻ تي الزام لڳايو ۽ پوليس کي ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پ پ اڳواڻ نند لال مالهي جو پٽ ڪندن مالهي 17 لک رپين جي سي سي روڊ جو ٺيڪيدار آھي، ايڊوانس غيرقانوني بل منظور نه ڪرڻ تي حملو ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ آفيس جا شيشا ٽوڙيا، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته مون ڊي سي، ايس ايس پي ۽ کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو آھي، آفيسرن تي حملا ٿيا ته ڪوبه آفيسر ڪم نه ڪري سگهندو. هوڏانهن پ پ اڳواڻ نند لال مالهي رابطو ڪرڻ تي چيو ته ايڪسيئن بلڊنگس اوم پرڪاش 17 لک جي ٺيڪي جو بل منظور ڪرڻ لا 5 لک رشوت طلب ڪئي ۽ اسان سان بداخلاقي ڪئي، پٽ ڪندن مالهي ڄاڻايل اسڪيم جو ڪم 2 مهينا اڳ مڪمل ڪيو، پر رشوت کانسوا ايڪسيئن بل منظوري لا کيس دربدر ڪري رهيو آھي، آفيس ۾ ڪوبه حملو يا ڀڃ ڊاهھ نه ٿي آھي، اوم پرڪاش اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ لا درخواست ڏني آھي، آئون ڪڏهن به ڪنهن کاتي جي آفيس نه ويندو آھيان، اوم فون اٽينڊ نه ڪيو ته ويس، هن مون کان سڌو سنئون 5 لک رشوت طلب ڪئي، جنهن تان ڏند چڪ ٿي، اسان 17 لک جي ڪم تي 5 لک ايڪسيئن کي ڇو ڏيون؟. هوڏانهن ايس ايڇ او مٺي محمد سومار مڱريو رابطو ڪرڻ تي چيو ته ايڪسيئن بلڊنگس اوم پرڪاش لکت ۾ درخواست ڏني آھي، پر ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيو آھي. هوڏانهن واقعي بعد بلڊنگس کاتي جي ملازمن عبدالغني پنڃارو جي اڳواڻي ۾ پ پ اڳواڻ خلاف آفيس ٻاهران مظاهرو ڪيو ۽ چيو ته پ پ پ اڳواڻ حملو ڪيو آھي، جنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button