سنڌ

ڪراچي ۾ گهر کي باهه،سلينڊر ڌماڪو،عورت فوت،4 زخمي

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا سڙي ويا. تفصيل مطابق ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون جي علائقي منصور نگر سيڪٽر ساسڍا 11 گهٽي نمبر 2 ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا سڙي رک ٿي پيا، جڏهن ته هڪ عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، ايس ايڇ او اقبال مارڪيٽ امين مغل ٻڌايو ته بشير نالي شخص جي گهر ۾ گهرڀاتين سيءَ کان بچڻ لاءِ چلهه ٻاري ڇڏي هئي، ان دوران ڀر سان رکيل پيٽرول جي بوتل ڪري، جنهن جي ڪري باهه لڳي ۽ ويجهو رکيل کٽ سميت ٻئي سامان ۾ باهه لڳي، باهه وسائڻ ۾ گهر جو وڏو 58 ورهين جو محمد بشير 30 سيڪڙو تائين سڙي ويو، جڏهن ته ان جا 3 پٽ 16 ورهين جو صفيان 40 سيڪڙو، 18 ورهين جو حسن 100 سيڪڙو، 28 ورهين جو ذيشان 70 سيڪڙو، ڌيءَ 20 ورهين جي سونيا ۽ بشير جي ننهن نورين زال ذيشان 60 سيڪڙو تائين سڙي زخمي ٿي پئي، جنهن کي سول اسپتال برنس وارڊ ۾ پهچايو ويو، جڏهن ته گهر ۾ لڳل باهه گهرڀاتين پنهنجي مدد پاڻ وسائي ڇڏي. ايڌي ذريعن مطابق سڙي زخمي ٿيل نورين علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، عورت جي ميت کي سهراب ڳوٺ ايڌي سردخاني پهچايو ويو. هوڏانهن سينٽرل جيل ويجهو سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ باهه لڳي، جنهن ۾ 4 ڄڻا سڙي ويا. پوليس مطابق جمشيد روڊ تي سينٽرل جيل سامهون مڪينڪ جي دڪان تي سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي باهه چئن دڪانن، هڪ رهائشي فليٽ ۽ ٻن ڪارن کي وڪوڙي ورتو، واقعي ۾ 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. فائربرگيڊ جي ٽن گاڏين هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کان پوءِ باهه اجهائي ورتي، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي زخمي ٿيل دڪان جي ملازمن ۽ چوڪيدار کي سول اسپتال برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، ڌماڪي جا آواز پري پري تائين ٻڌا ويا ۽ دڪان مٿان فليٽن جا شيشا ٽٽي پيا، علائقي واسين مطابق مڪينڪ جي دڪان ۾ گئس سلينڊڙ رکيل هو، جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽو ۽ باهه لڳي وئي، ڌماڪي جو آواز ٻڌي وڏي انگ ۾ ماڻهو گهرن مان نڪري آيا، دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سان لوهه جا ٽڪرا دڪان مٿان رهائشي فليٽ ۽ روڊ جي ٻئي پاسي آئل جي دڪان ۾ وڃي ڪريا، جنهن سان اتي به باهه لڳي، باهه لڳڻ وقت حفاظتي قدمن تحت ڪي اليڪٽرڪ جي عملي جي مدد سان متاثر عمارت جي بجلي ڪاٽي وئي، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ميڪينڪ جي دڪان ٻاهران بيٺل ٻه ڪارون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون، جڏهن ته بم ڊسوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو، جنهن پوءِ چيڪنگ کان پوءِ ڪليئر قرار ڏنو، زخمين جي سڃاڻپ 30 ورهين جي عمران پٽ موسيٰ، 29 ورهين جو عثمان پٽ مظهر حسين، 45 ورهين جي معين پٽ جعفر ۽ 23 ورهين جي تيمور پٽ جمشو جي نالي سان ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button