سنڌ

فيبروري جي پهرئين هفتي عوام ۾ وينداسين،هاڻ روڊن تي ڳالهه ٿيندي:متحده

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ماڻهو شرمسار نظر اچي رهيا آهن، 15 جنوري تي چونڊون بنا تڪبندين جي ٿيون، وفاق ۽ صوبي جون حڪومتون فيصلو ڪن مڪاني چونڊون ڪيئن قانوني ٿيون، اسان اليڪشن ۾ حصو نه وٺنداسين ته اها اليڪشن نه چورائيندي، اسان فيبروري جي پهرئين هفتي کان عوام ۾ وينداسين، هاڻي رستن تي وڃي ڳالهه ٿيندي. پارٽي جي بهادرآباد مرڪز تي ٻين اڳواڻن مصطفيٰ ڪمال، وسيم اختر، فاروق ستار، جاويد حنيف ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڏينهن گذرڻ سان گڏ مڪاني چوندن ۾ ڪامياب ماڻهو شرمسار نظر اچي رهيا آهن، تاريخ چونڊن ۾ حصو وٺندڙن کي ڏوهي به قرار ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته چونڊن جي آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي، آدمشماري سان چونڊون ۽ نتيجن تائين جا مرحلا ان جو حصو آهن، 31 ڊسمبر 2021 تي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ٽين ون جي ذريعي سنڌ حڪومت صوبي ۾ تڪبندي ڪئي، انهي ايڪٽ تحت 12 جنوري 2023 تي سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ کان پو يو سي تڪبندي موجود نه هئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر چيو ته بيلٽ پيپر جي ڪهڙي حيثيت، ووٽ ڪيئن ڳڻيا ويا، اسان چيو هو ته آئيني ۽ قانوني اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين، جنهن اليڪشن ۾ اسان حصو نه وٺون، اها اليڪشن ناهي، عدالتون ۽ اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪن ته مڪاني چونڊون ڪيئن قانوني آهن. هن چيو ته 15 جنوري تي اليڪشن نه پر ايڪشن ٿيو هو، هي عوام جي جمهوري حق جي خلاف آپريشن هو، اسان يوسي ۽ انجي نمائندن جي ذريعي ميئر بڻجندڙن جو قانوني جواز گهري رهيا آهيون، آئيني ادارا هن اليڪشن جو قانوني جواز ڏين، کيس عوام وٽ کڻي وڃي رهيا آهيون، رستن تي وڃي هي معاملو اٿاريو ويندو. خالد مقبول چيو ته ووٽ جو تناسب به اليڪشن جي سياسي اهميت ظاهر ڪري ٿو، هي ٺپو لڳل بيلٽ پيپر نه ڳڻيا وڃن ته ٽرن آئوٽ 6 سيڪڙو ٿيندو. عورتن جي تناسب جو ڪوئي تعين نه آهي، قانون عورتن جي خاص تعداد کان گهٽ اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏي ٿو، ڪراچي جي عوام جي حقن لاءِ نڪري رهيا آهيون، اسان فيبروري جي پهرين هفتي کان احتجاج شروع ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button