پاڪستانسنڌ

پاشا قاضي سميت 3 اڳواڻن جا شوڪاز واپس، عهدن تي بحال

حيدرآباد: پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو حيدرآباد جي تڪ پي ايس 66 جي صدر پاشا قاضي سميت 3 عهديدارن کي ڏنل شوڪاز نوٽيس واپس وٺندي کين عهدن تي بحال ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پ پ جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي ڪراچي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سان ملاقات ڪئي ۽ شوڪاز تي وضاحت پيش ڪئي، جنهن بعد پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو حيدرآباد جي پي ايس 66 جي صدر پاشا قاضي، پي ايس 67 جي جنرل سيڪريٽري زاهد بيگ ۽ پي ايس 64 جي جنرل سيڪريٽري مشتاق ڪلهوڙو کي عهدن تي بحال ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ ۽ پي ايس 66 جي صدر پاشا قاضي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سان ملاقات ڪري شوڪاز تي وضاحت ڏني، جنهن بعد معاملو حل ٿي ويو آهي. اسان شهيد بينظير ڀٽو جا سپاهي آهيون، پارٽي جي هر حڪم تي لبيڪ چونداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button