پاڪستانسنڌ

سنڌ ڪاليج گيمز، ٿرو بال، ٽيبل ٽينس ۽ رسا ڪشي جا مقابلا

ميرپورخاص: پنجين سنڌ ڪاليج گيمز ريجن جي مقابلن ۾ ڪالهه گورنمنٽ ابن رشد گرلس ڪاليج ۾ ٿرو بال، رسا ڪشي، ٽيبل ٽينس جون رانديون کيڏيون ويون. گورنمنٽ گرلس ڪاليج ٽنڊو جان محمد گورنمنٽ گرلس ڪاليج عمرڪوٽ کي هارائي ڇڏيو. جڏهن ته گورنمنٽ گرلس ڪاليج ٽيبل ٽينس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گورنمنٽ گرلس ڪاليج عمرڪوٽ ٻين پوزيشن حاصل ڪئي. ٿرو بال جي فائنل ميچ ابن رشد گرلس ڪاليج ۽ گورنمنٽ گرلس ڪاليج ڪنري جي وچ ٿي ٿي. جنهن ۾ ابن رشد گرلس ڪاليج ڪاميابي ماڻي ۽ ڪنري ڪاليج ٻين پوزيشن ماڻي. جڏهن ته ٽين پوزيشن ۾ ابن رشد ڪاليج حاصل ڪئي. رساڪشي جو مقابلو گورنمنٽ گرلس ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۽ گورنمنٽ گرلس ڪاليج ڪنري ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان ڪاليج ڪاميابي ماڻي ورتي. تقريب جو خاص مهمان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ريجن پروفيسر ميرچند اوڌ هو، جڏهن ته انهن راندين کي سينيئر ڊائريڪر فزيڪل ايجوڪيشن ارشد آرائين منعقد ڪرايو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button