پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ سانگهڙ واسي زال مڙس جو بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

ميرپورخاص: سانگھڙ ضلعي جي ڳوٺ بابو شاهه جي رهواسي ٽيڪم ڀيل پنھنجي گھرواري سان گڏ بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب ميرپورخاص اڳيان احتجاج ڪيو. هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته معمولي ڳالهه تان علائقي جا بااثر تاجو سميجو، لکو سميجو ، پٺاڻ سميجو ۽ ٻيا مڇرجي پيا، جيڪي مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ سميت گھرواري کي اغوا ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنھن ڪري خوف سبب دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھيون. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ھنن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button