ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو نيو سدا بهار گڊز ٽرانسپورٽ جي اڏي ۾ 3 نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي اڏي جي عملي کي يرغمال بڻائي 40 لک کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان حوالي سان سدا بهار گڊز ٽرانسپورٽ جي مالڪ محمد خان مگسي ٻڌايو ته صبح جي وقت ڪار ۾ سوار هٿياربند گڊز ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي منهنجي ملازمن کي يرغمال بڻائي 40 لک کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جي اطلاع پوليس کي ڏني وئي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا. ان موقعي تي ڊي ايس پي سي آئي اي اسلم لانگاهه چيو ته اسان سي سي ٽي وي ڪئميرائن ۽ فنگر پرنٽس جي مدد سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، تمام جلد ڦورن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ارشاد جسڪاڻي چيو آهي ته پوليس ڦورن کي گرفتار ڪري، جيڪڏهن ڦورو گرفتار نه ٿيا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close