اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ عمران خان جي بيان جو نوٽيس وٺي:پيپلز پارٽي

اسلام آباد :پيپلز پارٽي چيو آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان آصف علي زرداري خلاف بيان واپس وٺي، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پيپلز پارٽي عمران خان جي بيان جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيئر بخاري چيو ته عمران خان جي بيان تي پنهنجو موقف ڏيڻ چاهيون ٿا، عمران طرفان لڳايل الزام سندس عادت آهي. هن وٽ انهن الزامن جو ڪو به ثبوت ناهي. عمران خان جا سمورا الزام بي بنياد آهن، پيپلزپارٽي عمران خان کي قانوني نوٽيس ڏيندي. نئير بخاري چيو ته جيڪڏهن هن پنهنجو بيان واپس نه ورتو ته وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين. عمران خان پاران الزامن جو سلسلو پراڻو ناهي. فرحت الله بابر چيو ته عمران خان اقتدار وڃائڻ کانپوءِ عقل وڃائي ويٺو آهي، عمران خان پاڻ دهشتگردن جي حمايت ڪري رهيو آهي. قمر زمان ڪائره چيو ته عمران هميشه ادارن تي حملا ڪندو رهيو آهي، ان کان اڳ به عالمي سازشن ۽ مقامي سازشن جي مهم هلائي وئي. ادارن کي غدار چوڻ سندن عادت بڻجي وئي آهي، عمران خان جو الزام آهي ته اسان دهشتگرد تنظيمن کي پئسا ڏنا آهن، منهنجو مطالبو آهي ته ان الزام جي جاچ ڪئي وڃي. جڏهن ادارا غير جانبدار ٿي ويا آهن، انهن فوج کي بدنام ڪرڻ شروع ڪيو آهي. عمران خان روز گاريون ڏئي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ عمران خان جي بيان جو نوٽيس وٺي ان جي جاچ ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button