پاڪستانخيبرپختونخوا

ٻيڙي تي سير آخري سفر ثابت، ڪوهاٽ جي تانڊا ڊيم مان وڌيڪ 19 لاش مليا

ڪوهاٽ جي تانڊا ڊيم مان 13 ٻارن سميت وڌيڪ 19 لاش ڪڍيا ويا، جنهن بعد ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ فوتين جو انگ 30 ٿي ويو آهي، ٻيڙي ۾ لڳ ڀڳ 40 ماڻهو سوار هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڍنڍ ۾ مدرسي جي هڪ استاد ۽ ناکئو سميت وڌيڪ ڪجهه ٻارن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته 6 ٻارن کي زنده بچايو ويو هو. فوت ٿيل ٻارن جي جنازي نماز ڳوٺ ميرباش خيل، ڳوٺ سليمان تالاب ۽ ڀرپاسي جي ٻين علائقن ۾ ادا ڪري مڙهه مٽي ما حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به جاري رهيو. ڊپٽي ڪمشنر فرقان اشرف ميڊيا کي ٻڌايو ته ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪ فوج، نيوي، ريسڪيو ۽ مقامي ٽوٻن حصو ورتو، ٻئي ڏينهن تي ڍنڍ مان 19 لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته پهرئين ڏينهن 11 لاش هٿ آيا هئا. جنازي نماز ۾ فوجي آفيسر، ڊي آ جي پوليس، ڊپٽي ڪمشنر، ضلعي عملدارن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس محمد رياض شهيد ٿاڻي تي ٻيڙي هلائيندڙ شخص ۽ آبپاشي کاتي جي ايڪسيئن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته مدرسي ۾ پڙهندڙ ٻارڙا پڪنڪ ملهائڻ لا تانڊا ڊيم ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button