پاڪستانخيبرپختونخوا

وزيراعظم ۽ آرمي چيف پشاور پهچي ويا،زخمين جي عيادت، غفلت تي آئي جي کي ڇنڊ

وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي بعد حالتن جو جائزو وٺڻ لا پشاور پهچي ويا ۽ اسپتال ۾ زخمين جي عيادت پڻ ڪئي، امن امان جي صورتحال بابت هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم خيبر پختونخوا جي آ جي تي ڪڙڪي پيو. تفصيل موجب آپگهاتي ڌماڪي بعد وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ پشاور پهتو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪري زخمين جي عيادت ڪئي. پشاور ڌماڪي تي هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو. وزيراعظم اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ٻئي طرف امن امان جي صورتحال بابت ٿيل هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف آءِ جي خيبرپختونخوا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته پوليس لائين ۾ اندر داخل ٿيڻ جو هڪ ئي گيٽ آهي ته پو آپگهاتي بمبار اندر ڪيئن داخل ٿيو؟ جنهن تي آ جي ورندي ڏني ته پوليس لائين ۾ فيملي ڪوارٽر به آهن، خبر ناهي حملو ڪندڙ ڪٿان آيو ۽ اندر ڪيئن داخل ٿيو، اهو به ٿي سگهي ٿو ته حملو ڪندڙ اڳواٽ اندر موجود رهيو هجي پر اسان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ان کان اڳ جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جي گهر ۾ سجدو ڏيندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي خلاف آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملو ڪندڙن جو اسلام سان ڪو به واسطو ناهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان خلاف جنگ ڪندڙن جو نالو نشان مٽائي ڇڏينداسين ۽ شهرين جو ناحق رت وهائڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هن ڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، قوم پنهنجي شهيدن کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button