پاڪستان

عمران خان کي حملي ۾ هڪ مڪمل گولي لڳي: فورنزڪ رپورٽ جاري

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي وزيرآباد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جي مڪمل فورنزڪ رپورٽ اچي وئي، حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ گولين جي رپورٽ چئن صفحن تي ٻڌل آهي، عمران خان تي حملي واري هنڌ تان 31 گوليون يا انهن جا خول مليا، ٽن گولين جا ٽڪرا ڪنٽينر سان لڳا جيڪي اسپيڪر تان مليا، ٽن گولين جا ٽڪرا ڪنٽينر جي گرل تان مليا، گولي جو هڪ خول دڪان اندر زمين تان مليو 14 گولين جا خول رستن تي مليا، جڏهن ته جوابدار نويد جي گهر جي ويجهو به هڪ گرائونڊ مان 10 خول مليا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عمران خان کي ٻه گوليون ڪنهن شي سان ٽڪرائڻ بعد لڳيون، هڪ مڪمل گولي عمران خان کي لڳي. عمران خان جي جسم ۾ هڪ ڌاتو جو ٽڪرو به موجود هو، جيڪو جسم مان ڪڍيو ويو، 4 گوليون اهڙيون هيون جيڪي نويد جي پسٽل مان نڪتيون هيون. ٻه گوليون اهڙيون آهن جيڪي ڪلاشنڪوف جون آهن جوابدار کان مليل هڪ پسٽل جو به فرانزڪ ٿيو جنهن مان هڪ فائر ٽريس ڪيو ويو حملي ۾ زخمي احمد چٺا جي جسم مانڪرندڙ گولي جو به فارانزڪ ڪيو ويو ان کان سواءِ حملي ۾ زخمي عمران يوسف کي لڳل گولي جو به فرانزڪ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button