پاڪستانعالمي

پاڪستان جون وڌندڙ توانائي ضرورتون،روس ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

روسي حڪومت پاڪستان جون توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لا پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياري ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، روسي هم منصب سان سمورن شعبن ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان روس سان واپار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوامي رابطن سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ گرمجوشي موجود آهي، پاڪستان توانائي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اميد ڪريان ٿو ته منهنجي روس جي هن دوري تي ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿيندي، اها به توقع آهي ته ٻيا ملڪ روس سان گڏيل ٻطرفن لاڳاپن ۾ مداخلت نه ڪندا، هن چيو ته اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه لاءِ دعوت ڏيڻ تي روسي پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ اٺون بين الحڪومتي اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شاندار استقبال تي روسي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سمورن شعبن ۾ روسي پرڏيهي وزير سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستاني معيشت ٻوڏ سبب تمام گهڻي متاثر ٿي. ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ روس پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، غيرجانبداراڻي پوزيشن جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. روسي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس مختلف عالمي فورمن تي گڏيل موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ روس جو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف آهي، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ٻئي ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button