سنڌ

ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان قتل،مبينا پوليس مقابلا،5 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي پوليس اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جڏهن ته ڦورو ڏينهن ڏٺي جو ڦرلٽ ڪرڻ سميت ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن . خبر موجب منگهو پير ٿاڻي جي حد ۾ واقع سلطان آباد واري علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بندن 32 ورهين جي عبدالرزاق کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نوجوان انهن سان مزاحمت ڪئي ۽ ان دوران ڦورن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نوجوان جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ جاري آهي. ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته هو پاڻ کي گهرن اندر توڙي گهرن کان ٻاهر غير محفوظ سمجهن ٿا. هوڏانهن ڪراچي جي حيدري مارڪيٽ ۽ مومن آباد ٿاڻن جي پوليس الڳ الڳ مبينه مقابلن بعد 5 ڦورن کي گرفتار ڪيو آهي. مومن آباد ٿاڻي جي پوليس نارٿ ناظم آباد واري علائقي مان مبينه مقابلي کان پوءِ ٽن ڦورن تحسين ، ولي ۽ نظر کي گرفتار ڪيو آهي، جن مان تحسين زخمي حالت ۾ آهي، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان ٻه پستول ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي. ٻئي طرف حيدري مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس نارٿ ناظم آباد جي پرائيم ڪاليج ڀرسان مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن ڦورن نثار ۽ اقبال کي گرفتار ڪيو، جن مان نثار زخمي حالت ۾ آهي، جن کي علاج لاءِ عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان ٻه ٽي ٽي پستول ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button