پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ اٽي جا اگهه گهٽ نه ٿيا، پورهيتن جو مظاهرو

سامارو: سامارو تعلقي ۾ اٽي جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا. جڏھن ته تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن اٽي جا اگهه وڌڻ باوجود ڪو نوٽيس ناهي ورتو. اٽي جي اگهھ ۾ ٻيڻ تي واڌ خلاف پورهيتن ۽ مزدورن شوڪت خاصخيلي، ميرل کوسو، سخي محمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي مين ڪوٽ غلام محمد-ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سامارو، سامارو روڊ، صالح ڀنڀرو، راھو آباد ۽ ٻين اسٽاپن تي اٽي چڪي ۽ فلور ملز مالڪن وڙي دڪاندارن اٽي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جيڪي سرڪاري اگھه کي ٿڏي في ڪلو 140 کان 150 رپيا في ڪلو ۽ 56 سئو کان 6 هزار رپين ۾ في مڻ اٽو وڪرو ڪري پورهيتن کي ڦري رهيا آهن، جنهن سبب غريب عوام پريشان آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ھائيڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگھن جو نوٽيس وٺي اٽي چڪي ۽ فلور ملز مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري اتي جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button