سنڌ

ڪراچي ۾ مشهور بلڊر محمد لاکاڻي فائرنگ ۾ زخمي

ڪراچي جو مشهور بلڊر محمد لاکاڻي ۽ سندس ڊرائيور گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي گارڊن انٽرچينج کان منگھو پير روڊ تي اوور ٽيڪ ڪندڙ اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ بلڊر محمد لاکاڻي ۽ سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته محمد لاکاڻي ڪارساز ويجهو پنهنجي گهر مان هڪ لڳي 20 منٽن تي پنهنجي ڊرائيور سان گڏ نڪتو هو ۽ لياري ايڪسپريس وي تان سائيٽ ايريا ڏانهن وڃي رهيو هو. گارڊن انٽرچينج وٽ گاڏي منگھو پير روڊ تي هڪ اڇي رنگ جي ڪرولا ۾ سوار 4 جوابدارن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، پر جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ جوابدار فرار ٿي ويا. مشهور بلڊر جي گاڏي مان گولين جا 7 خول مليا، جڏهن ته محمد لاکاڻي کي هڪ گولي پيٽ ۾ لڳي، سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه محمد لاکاڻي جي ڪار تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، وڏي وزير فائرنگ جي مذمت ڪندي آ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button