سنڌ

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عورتن لا پنڪ بس سروس شروع ڪري ڇڏي

سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي شهر قائد ۾ عورتن لاءِ مخصوص پيپلز بس سروس جي شروعات ڪري ڇڏي. جنهن جي افتتاحي تقريب تاريخي فيريئر هال ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، عورتن لاءِ مختص پنڪ بس سروس جو افتتاح پڻ عورتن کان ڪرايو ويو. سنڌ اسيمبلي جي عورتن ميمبرن شرميلا فاروقي، ماروي راشدي، سعديه جاويد، ڊرامن جي اداڪاره اشنه شاهه، ٽي وي اينڪر رابعه انعم، ماروي مظهر ۽ ناجيه مير ۽ ٻين پنڪ بس سروس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ پڻ موجود هو. تقريب ۾ صوبائي وزير محنت سعيد غني. خاص مددگار قاسم نويد قمر، ايم پي اي گهنور خان اسراڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نجمي عالم، سلمان عبدالله مراد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آر ٽي سي صهيب شفيق سميت ميڊيا، سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان جي پهرين پنڪ بس سروس شروعاتي طور تي ماڊل ڪالوني کان شارع فيصل ذريعي ٽاور تائين شروعات ڪئي وئي آهي. 9 ميٽر بس سروس ۾ 23 سيٽون آهن، جنهن ۾ ٻه سيٽون اسپيشل عورتن لاءِ مخصوص آهن، جڏهن ته 24 عورتون بيهي ڪري سفر ڪري سگهنديون. گڏيل طور تي بس ۾ 50 عورتن جي سفر ڪرڻ جي گنجائش آهي. بس سروس جي عملي ۾ عورتون ڪنڊڪٽير شامل ڪيون ويون آهن. بس سروس صبح جو 7 وڳي کان رات جو 11 وڳي تائين ۽ شام جو 4 وڳي کان رات 9 وڳي تائين هر 20 منٽن ۾ روانو ٿينديون. جڏهن ته آفيس جي وقت کان علاوه معمول جي وقت ۾ هر ڪلاڪ جي بعد هلنديون. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پاليسيون جوڙيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عورتن کي جيڪڏهن نظرانداز ڪنداسين ته معاشرو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو. اها حڪومتن جي ذميواري آهي ته عورتن کي اڳتي وڌڻ لاءِ سازگار ماحول ڏنو ويو ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن عورتون گهرن کان ٻاهر نڪري مردن سان شانه بشانه ڪم ڪري سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو نمايان حصو وجهي سگهن. هن چيو ته اڄ 8 بسن سان پنڪ بس سروس جي شروعات ڪئي آهي، اهو انگ اتي ڪونه رڪندو، ان کي پوري شهر ۽ سنڌ جي وڏن شهرن تائين وڌائينداسين. هن چيو ته عورتن لاءِ اورينج لائن، پيپلز بس سروس ۽ اليڪٽرڪ بس سروس ۾ سيٽون مختص آهن، ان ۾ به سفر ڪري سگهن ٿيون. صوبائي وزير چيو ته پنڪ بس سروس ۾ عورتون ميزبان رکيون ويون آهن. هڪ مهيني ۾ عورت ڊرائيور به مقرر ڪيون وينديون. هن چيو ته عورتن کي الله تعاليٰ هر صلاحيت سان نوازيو آهي، ٿر ۾ عورتون ڊمپر هلائي رهيون آهن. اسان جون عورتون ايف 16 طيارا هلائي رهيون آهن، هي ته صرف بس سروس آهي. هن چيو ته اين آر ٽي سي کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، جلد پنڪ بس سروس جو پورو عملو عورتن تي ٻڌل هوندو. ان موقعي تي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو ته 7 فيبروري تائين پنڪ بس سروس مفت سروس فراهم ڪندي. تقريب کي محنت واري وزير سعيد غني، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن شرميلا فاروقي، ماروي راشدي، ناليواري فلم ساز شرمين عبيد چنائي، اينڪر رابعه انعم، اداڪاره اشنا شاهه، ماروي مظهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button