
لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي تنقيد ۽ طنز ڪندي چيو آهي ته عمران خان ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته مان انهن کي روئاريندس، خبر ناهي هو اهو ڪنهن کي چوندو هو. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته خبر ناهي عمران خان اسان کي چئي رهيو آهي يا انهن کي چئي رهيو آهي جيڪي اڄ روئي رهيا آهن.