سنڌ

مشڪل جي گهڙي ۾ ترڪيه جي عوام سان گڏ آهيون:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ترڪيه ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير اطلاعات پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ترڪيه جي عوام لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هن مشڪل جي گهڙي ۾ ترڪيه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته وڏي پيماني تي ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي کين دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. صوبائي وزير قدرتي آفت ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي صحتيابيءَ جي لاءِ دعا ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button