پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۽ ڀرپاسي مال ۾ بيماري، 40 ٻڪريون مري ويون

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي وڏي آبادي جي ڳوٺ ڪيتار ۽ ڪيتاري سميت آسپاس جي علائقن ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ بيماري پکڙجي وئي. ٻن ڏينهن اندر مالوندن جون 40 کان وڌيڪ رڍون ۽ ٻڪريون مري ويون. ان سلسلي ۾ مالوندن منٺار نهڙي، ڪمال الدين، اڪبر علي، سکر نهڙي، صيفل، جميل احمد، قربان علي ۽ حبيب الله سميت ٻين دانهيندي چيو ته چوپائي مال ۾ خطرناڪ بيماري پکڙجڻ سبب اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي، وڌيڪ سون جي تعداد ۾ ٻڪريون ۽ رڍون بيماري ۾ ورتل آهي. اسان ضلعي وٽرنري انچارج ڊاڪٽر گورڌن نائي اڳيان دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ٻن ڏينهن ۾ ڪا به لائيو اسٽاڪ جي ٽيم نه موڪلي وئي آهي، اسان غريبن جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي، ٻڪرين ۾ پکڙيل تيز بخار ۽ کلڪيو جي بيماري اسان جا وٿاڻ تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هنن گهر ڪئي ته لائيو اسٽاڪ انچارج خلاف ڪارروائي ڪري مال جو علاج ڪري وئڪسين ڪئي وڃي. هوڏانهن لائيو اسٽاڪ مٺي جي انچارج ڊاڪٽر گورڌن ناهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ فل الحال گاڏيون خراب آهن، ان ڪري ٻهراڙي جي علائقن ۾ وڃي نٿا سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button