پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ رولو ڪتن معصوم نينگر کي ڏاڙهي ڇڏيو

چيلھار: چيلهار ۽ ڀرپاسي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو. ڇتن ڪتن معصوم نينگر کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد نينگر جي وارثن ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ چيلھار سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي. يوسي ڪانٽيو جي ڳوٺ گونگيو جي رهواسي 10 سالن جي معصوم نينگر رفيق پٽ عنايت نهڙي تي رولو ڪتن حملو ڪري کيس ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي مقامي اسپتال آندو ويو. متاثر نينگر جي وارثن ٻڌايو ته علائقي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ڇتا ڪتا ٻارن توڙي چوپائي مال کي کائي زخمي ڪري رهيا آهن، پر انتظاميا ڪتا مار مهم شروع ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button