پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ هڪ اسڪول کي تالا لڳل، ٻن ۾ استادن جي کوٽ

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو ڳوٺ ڪامريڊ رئيس بروهي ۾ ٽن اسڪولن گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول ۽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استادن، ماسترياڻين، فرنيچر ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ھئڻ ڪري سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن ھاري اڳواڻ محمد ادريس بروھي، محمد مبين بروھي، مولا بخش بروھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي قديمي ڳوٺ کي تعليم کاتي وساري ڇڏيو آهي، ڀرتي ٿيل استادن مان اسان جي اسڪولن ۾ ڪوبه استاد مقرر ناھي ڪيو ويو، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل آھن، پر هڪ به استاد مقرر ناهي ڪيو ويو، 2 سئو کان وڌيڪ ٻارن کي رڳو هڪ استان پڙهائي رهيو آهي. گرلس پرائمري اسڪول کي ڪيترن ئي سالن کان ماسترياڻي ناهي ملي، جنهن سبب اسڪول بند آهي ۽ 150 کان وڌيڪ شاگردياڻين گهرن ۾ ويٺل آهن، بوائز پرائمري اسڪول رئيس بروهي جي 250 کان وڌيڪ شاگردن لا استاد ناهي، ان ڪري شاگردن جي تعليم متاثر ٿئي پئي، رڳو 2 استاد پڙهائين پيا، اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي، فرنيچر سميت ڪا سهولت ناهي. هنن تعليم واري وزير سردار شاھه ۽ سيڪريٽري علي اڪبر لغاري کي اپيل ڪئي ته اسڪولن ۾ استاد ۽ ماسترياڻيون مقرر ڪري بجلي، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button