سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊيف ريچ اسڪول ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت خاص (معذور) ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي هر هڪ سرڪاري اداري ۾ مخصوص ڪوٽا رکي آهي، جنهن تحت کين معذورن کي قابليت جي بنياد تي روزگار فراهم ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير خانگي شعبي تي زور ڏنو ته خاص ماڻهن لاءِ پنهنجا دروازا کولي ته جيئن کين روزگار ملي سگهي. هن چيو ته ڄاڻايل ادارو خاص ٻارن لاءِ بهترين ادارو آهي ۽ انتظاميه ڏينهن رات محنت ڪري اداري کي ڪامياب ڪيو آهي ۽ سندس سنڌ حڪومت جي پڻ ڀرپور توجهه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڃا به هڪ لک اسپيشل (خاص) ٻار آهن، جن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻو آهي. هن چيو ته مونکي سندن باصلاحيت شاگردن کي ڏسي گهڻي سرهائي ٿي، جن بيچلر آف آرٽس پروگرام مان گريجوئيشن مڪمل ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد خاص ماڻهن کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. هڪ پارٽنر جي طور تي ڊيف ريچ اسان جي نظرئي کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته ڊيف ريچ پاران ٻڌڻ کان محروم شاگردن کي ڏنل سهولتن مونکي گهڻو متاثر ڪيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته مون ڊيف ريچ جو ڊجيٽل سائن لينگويج سکيا وارو پروگرام ڏٺو آهي. ڊجيٽل سائنسي ٻولي هڪ منفرد وسيلو آهي، جيڪو نه رڳو شاگردن ۾ پر پاڪستان جي ٻين شعبن ۾ پڻ صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ڪندو. مون کي اميد آهي ته ڊجيٽل سائنسي ٻولي مستقبل ۾ شاندار وسيلو بڻجندي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان ڊيفريچ سان گڏ سنڌ جي ڇهن هنڌن تي 6 اسڪولن سان ڀاڱي ڀائيواري ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڊيف ريچ سينٽر جي عمارت ٻن ايڪڙن تي پکڙيل آهي جنهن ۾ 2 هزار ٻار پڙهن ٿا، سنڌ جي وڏي وزير ان ۾ وڌيڪ ٻه ماڙ تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊيف ريچ اسڪول سنڌ حڪومت جي اسٽيوٽا بلڊنگ ۾ قائم آهي جنهن کي اسٽيوٽا 2009 ۾ مونو ٽيڪنيڪل اسڪول جي فيملي ايجوڪيشن سروس کي عطيو ڪئي هئي. هتي خاص ٻارن کي گريجوئيشن تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. سنڌ جو وڏو وزير خاص ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ حيدرآباد ۽ سکر ۾ اسڪول پڻ قائم ڪندو، جنهن کي Deaf Reach جي سهڪار سان هلايو ويندو. وڏي وزير جي ڊيف ريچ اسڪول پهچڻ تي صلاحڪار صادق ميمڻ، ڊيف ريچ جو باني رچرڊ گيري ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊيف ريچ اداري جو جائزو پڻ ورتو. وڏي وزير اتي موجود خاص ٻارن سان ملاقات ڪندي تصويرون ڪڍرايون ۽ ٻارڙن جون سرگرميون ڏٺيون. خطاب جي آخر وڏي وزير ڊيف ريچ جي باني رچرڊ گيري پاران دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا. هوڏانهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان استادن ۾ تربيتي سندون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي، ان شعبي ۾ حقيقي ترقي کانسوا اسان عالمي دنيا ۾ زنده نٿا رهي سگهون ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. وڏي وزير چيو ته حڪومت تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي لا پرعزم آهي، سنڌ حڪومت ميرٽ جي بنيادي تي لکين استاد ڀرتي ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته نوان ڀرتي ڪيل استاد اسڪولن ۾ درس تدريس جي عمل کي موثر بڻائين ۽ جديد تدريسي عمل کي اپنائين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close