سنڌ

جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري چڪا آهيون: فواد چوڌري

پي ٽي آئي جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري چڪا آهيون، ڪارڪن ان لاءِ رجسٽريشن ڪرائي رهيا آهن. ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پرويز مشرف جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ هتي پهتو آهيان، هن 99 ۾ نوازشريف کان پاڪستان جي جند ڇڏائڻ لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي بيشرم ماڻهن کي شرم نٿو اچي، هر 10 سالن کان پوءِ انهن ٻنهي کي مڙهيو وڃي ٿو. هن چيو ته مون کي صبح 4 وڳي اٿاريو ويو، شراب جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي، هن وقت بي شرم ماڻهن جي حڪومت آهي، نواز ۽ زرداري جا پئسا پاڪستان ۾ آندا وڃن. پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته فوري چوندون ڪرايون وڃن، چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته آرٽيڪل 6 لڳندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button