اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف سان ڳالهيون،ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽ،سخت فيصلن جو امڪان

اسلام آباد:پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي ڳالهين ۾ ڏکين فيصلن جو امڪان آهي. ذريعن موجب پاليسي ڳالهين ۾ بجيٽ خسارو، ٻاهرين فنانسنگ ۽ بجيٽ فريم ورڪ سميت اهم معاملن تي پاليسي ڳالهيون ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي سخت سوالن جا جواب ڏيڻا آهن، پاڪستان کي 30 جون تائين پرڏيهي ناڻي مٽاسٽا ذخيرا 16 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن تائين آڻڻا پوندا ۽ ٻڌائڻو پوندو ته اها رقم ڪٿان ايندي. ذريعن موجب پاڪستان کي درآمدن تي پابنديون فوري طور ختم ڪرڻيون پونديون، ايل سيز کولڻ لاءِ 4 ارب ڊالر فوري طور فراهم ڪرڻا پوندا، بجيٽ خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ 600 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ گهٽ ڪرڻ جا قدم کڻڻا پوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان ترقياتي بجيٽ تي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ جي ڪٽوتي جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت ترقياتي بجيٽ 727 بدران 400 ارب رپين تائين، جڏهن ته غير ترقياتي خرچن ۾ به وڏي گهٽتائي آندي ويندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان غير ضروري منصوبن جي فنڊنگ روڪڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال بجيٽ مان سبسڊي جاري ڪرڻ ۾ ذڪر جوڳي گهٽتائي تي گفتگو ٿيندي، سبسڊي گهٽ ڪرڻ تي بجلي ۽ گئس جا ريٽ تقريبن 50 سيڪڙو وڌائڻا پوندا، سڀني ترقياتي منصوبن جي مرحلي وار مانيٽرنگ ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪئي ويندي، نجڪاري پروگرام فعال بڻائي رياستي ملڪيتي ادارن کي فعال يا وڪرو ڪرڻ جي حڪمت عملي طئي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب جو عمل اثرائتو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ قانون سازي بحث هيٺ ايندي، پرڏيهي ملڪن کان قرض وٺڻ ۽ واپس ڪرڻ جي نئين پاليسي طئي ٿيندي، گردشي قرض جي ادائيگي لاءِ بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button