اسلام آبادپاڪستان

عمران تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو،نااهلي درخواست تي لارجر بينچ قائم

اسلام آباد : پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي نه ٿي سگهي. جڏهن ته نااهلي واري درخواست تي شنوائي لاءِ لارجر بينچ جوڙي وئي آهي. خبرموجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد جي جج ظفر اقبال عمران خان خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آئي چيئرمين جي چئني وڪيلن پنهنجو وڪالت نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو. عمران خان پاران طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا، ان تي عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان ٻڌايو ته هائو عمران خان جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا. عدالت چيو ته ايئن حاضري سان ڇوٽ جي درخواست داخل ٿيندي رهي ته فرد جرم ڪيئن لاڳو ٿيندو. عمران خان جي وڪيل علي بخاري اعتراض ڪيو ته اسان کي تصديق ٿيل ڪاپيون فراهم ناهن ڪيون ويون، واٽس ايپ جا اسڪرين شارٽس لڳائي ڪاپيون ناهن ڏنيون وينديون. ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسان عدالت جي سامهون پي ٽي آئي وڪيل کي تصديق ٿيل ڪاپيون فراهم ڪيون آهن. جج هدايت ڪئي ته سمورن ثبوتن جون تصديق ٿيل ڪاپيون، عدالت ۽ پي ٽي آئي کي فراهم ڪيو جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسان اڄ ئي ڪمپلينٽ ۽ ثبوتن جون تصديق ٿيل ڪاپيون ڏئي ڇڏينداسين. ڇوٽ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عمران خان اڃا تائين عدالت ڇو ناهي آيو، ڪنٽينرز تي عمران خان کي نچندي ته اسان ڏٺو آهي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي بيان تي عمران خان جي وڪيل ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا بيان نه ڏنا وڃن جنهن سان لڳي ته منشين وارو ڪم ڪيو پيو وڃي. قانون جي ڳالهه ڪئي وڃي ايئن نه ٿئي ته اسان کي به ڳالهائڻو پوي، جج پڇاڻو ڪيو ته مون کي هڪ تاريخ ٻڌائي ڇڏيو ته عمران خان ڪڏهن عدالت ايندو. ان تي ان جي وڪيل چيو ته عمران خان جي صحت اجازت ڏني ته ايندو، عدالت عمران خان جي حاضري جي ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوط ڪيو هو جيڪو جهٽ کان پوءِ ٻڌائيندي ان جي درخواست منظور ڪري ورتي. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن ۾ مبينا ڌيءَ ٽيريان وائيٽ جو ذڪر نه ڪرڻ تي نااهلي واري درخواست تي شنوائي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي ٻڌل 3 رڪني بينچ جوڙي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 فيبروري تي ڪيس جي شنوائي ڪندي، جنهن جي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button