سنڌ

گئس بحران،سنڌ اسيمبلي سوئي گئس عملدار کي طلب ڪري ورتو

سنڌ اسيمبلي سومر ڏينهن ايم ڊي سوئي سدرن گئس کي گهرائي صوبي ۾ گئس بحران تي وضاحت گهري ورتي آهي. جي ڊي اي جي ميمبر نند ڪمار گوڪلاڻي اڱاري تي ايوان جي ڪارروائي دوران صوبي ۾ گئس بحران تي پنهنجي هڪ استحقاق واري رٿ پيش ڪئي، جنهن تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ايم ڊي سوئي گئس کي گهرائڻ جي تجويز ڏني، سنڌ اسيمبلي جو اڱاري جي صبح 10 وڳي اجلاس منعقد ڪيو ويو ۽ ايوان ۾ ڪورم پورو نه ٿيڻ تي وقتي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي جمعي جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ گئس جي بحران تي جي ڊي اي جي ميمبر نندڪمار استحقاق واري رٿ پيش ڪندي چيو ته گئس بحران تي لاڳاپيل ادارا جواب ڏيڻ جي به زحمت نٿا ڪن، گئس جي کوٽ سبب صوبي جي عوام جي زندگي عذاب ٿي وئي آهي. صوبائي وزير عذرا پيچوهو اپوزيشن سان تعلق رکندڙ ميمبر جي موقف جي تائيد ڪندي چيو ته سوئي گئس جو معاملو صوبي لاءِ اهم آهي، ايم ڊي سوئي گئس کي گهرائي وضاحت گهري وڃي. جنهن تي وقتي اسپيڪر ريحانه لغاري سومر تي ايم ڊي سوئي گئس کي گهرائي وضاحت گهري آهي. نندڪمار وفاقي سطح تي نون صوبن بابت خدشا ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ غير سرڪاري ٺهراءُ پيش ڪيو، سندس چوڻ هو ته سنڌ جي وحدت تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي اپوزيشن ميمبر گهر ڪئي ته وفاقي سطح تي نون صوبن جي قيام بابت قائم ٿيل ڪميٽي کي ختم ڪيو وڃي، سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ صوبن کي برداشٽ نه ڪندا، هي صرف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ آهي. هن چيو ته سيد خورشيد احمد شاهه لاءِ وڏي عزت آهي پر صوبن جي حوالي سان ڪميٽي ڪنهن به صورت قبول نه آهي. نندڪمار چيو ته جيڪو به سنڌ صوبي تي سوديبازي ڪندو، اهو غدار سڏيو ويندو، اسان جي گذارش آهي ته سنڌ تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪيو، صوبي لاءِ سڀ هڪ ٿي وڃو، اسان سنڌ جي خلاف ڪابه ڳالهه برداشت نه ڪنداسين، ڇو ته هي ڌرتي ماءُ سڀني جي آهي. خرم سيرزمان ڪورم پورو نه ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي، ان وقت ايوان ۾ ميمبرن جو انگ تمام گهٽ هو، جيتوڻيڪ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ نندڪمار پاران پيش ڪيل ٺهراءُ تي وڌيڪ ڪائي ڪارروائي به نه ٿي سگهي. ان کان اڳ اڱاري جي صبح سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 10 وڳي مقرر ڪيل وقت بدران 20 منٽ دير سان وقتي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ۾ شروع ٿيو، ڪارروائي جي شروعات ۾ ترڪيا، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ زلزلي سان فوتي ماڻهن لاءِ مغفرت جي دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري وئي. ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ٿي، جڏهن ته بهرام آواري جي لاڏاڻي تي هڪ منٽ خاموشي ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ اڱاري تي ايوان جي مختصر ڪارروائي دوران پرائيويٽ ميمبمرز ڊي جي موقعي تي سوالن جو وقفي به مختصر رهيو. وڏي وزير جي خاص مددگار فياض علي ٻٽ جي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا. هن ٻڌايو ته 2017 ۾ ڏاج الائونس 10 هزار هو، جنهن کان پوءِ وڌائي 20 هزار ڪيو ويو، هي اضافو 2019 ۾ ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته ڪراچي جي سمورن ضلعن جي ڊي سي آفيس ۾ اسان جا چيئرمين موجود هوندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button