سنڌ

ڪراچي ۾ زهريلي گئس سبب فوت ٿيلن جو پوسٽ مارٽم جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪياماڙي ۾ زهريلي گئسن وگهي فوت ٿيلن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ فوت ٿيل سمورن 18 ڳوٺاڻن جو ڪيس به داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ڊي سي ڪياماڙي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي کان سوال ڪيو ته ڪياماڙي ۾ تازن واقعن دوران ڪيترا ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن؟ آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته فوتين جو انگ 18 ٿي ويو آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته 18 ماڻهو فوت ٿيا آهن ته انهن سڀني جو ڪيس ڇو داخل نه ڪيو ويو؟ آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته سڀ ماڻهو شڪايتون کڻي اچن ها ته سڀني جو ڪيس داخل ٿئي ها، جنهن تي عدالت رمارڪس ۾ چيو ته رياست طرفان ايس ايڇ او کي ڪيس داخل ڪرائڻ گهرجي ها، هڪ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا پر پوسٽ مارٽم رڳو هڪڙي ڄڻي جو ٿيو، هيءَ ڪهڙي جاچ آهي؟ ڊي سي ڪياماڙي چيو ته منهنجي حدن ۾ رڳو 3 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جنهن تي عدالت مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته تون وڃي زمينون سنڀال، هي تنهنجو ڪم ناهي، تون بار بار ڇو ٿو ڳالهائين. عدالت آءِ جي سنڌ کي فوتين جي وارثن سان رابطو ڪري سمورن فوتين جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button